اسلام آباد - 30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل لوگو ڊيزائن مقابلي جي فائنلسٽس جي اعزاز ۾ انعام ورهائڻ واري هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. اهو مقابلو نومبر 2025ع ۾ پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ڪيو ويو هو. ان مقابلي کي سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو …
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جون تقريبون، لوگو ڊيزائن مقابلي ۾ ٽن ڊيزائنرز جي چونڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل لوگو ڊيزائن مقابلي جي فائنلسٽس جي اعزاز ۾ انعام ورهائڻ واري هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. اهو مقابلو نومبر 2025ع ۾ پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ڪيو ويو هو. ان مقابلي کي سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ ڊيزائنز مليا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڊگهي ۽ جامع ڇنڊڇاڻ جي عمل کانپوءِ سرفهرست ٽن ڊيزائنرز جي چونڊ ڪئي وئي. تقريب ۾ پرڏيهي سيڪريٽري چين جي سفير سان گڏ مقابلي جي ڪامياب شرڪت ڪندڙن کي انهن جي تخليقي صلاحيتن ۽ محنت جي اعتراف ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ انعام ورهايا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ مقابلي ۾ وسيع پئماني تي شرڪت کي ساراهيو، جنهن سان نه رڳو ملڪ جي تخيقي صلاحيتن جو اظهار ٿيو پر خاص طور تي نوجوانن ۾ پاڪستان – چين لاڳاپن جي مضبوط عوامي پذيرائي پڻ نمايان ٿي. هن چيو ته هي تقريب رڳو فني مهارت جي اعتراف تائين محدود نه آهي پر نوجوانن جي ان اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪري ٿي جيڪي دوستي ۽ خيرسگالي جي سفير جي طور تي ادا ڪن ٿا. پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ گهري تعاون کي اجاگر ڪيو. هن 75هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ڪئي ويندڙ بامعنيٰ ۽ دلچسپ تقريبن کي پڻ ساراهيو. سال 2026ع پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جو سال آهي.











