احتجاج ڪندڙ پاڪستان جا حامي ناهن، 8 فيبروري تي ڪو احتجاج نه صرف بسنت جو ڏهاڙو هوندو: رانا مشهود احمد خان

لاهور-30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ پاڪستان جا حامي ناهن، 8 فيبروري تي ڪو احتجاج نه صرف بسنت ڏهاڙو هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مال روڊ تي زيرو لائف اسٽائل فرنچائز جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ هن رِبن ڪاٽي زيرو لائف اسٽائل فرنچائز جو باقاعده …

لاهور-30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ پاڪستان جا حامي ناهن، 8 فيبروري تي ڪو احتجاج نه صرف بسنت ڏهاڙو هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مال روڊ تي زيرو لائف اسٽائل فرنچائز جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ هن رِبن ڪاٽي زيرو لائف اسٽائل فرنچائز جو باقاعده افتتاح ڪيو. رانا مشهود احمد خان چيو ته آءِ ايم ايف کان ڪهڙيءَ طرح باعزت طريقي سان ٻاهر اچڻو آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ان تي ڪميٽي بڻجي چڪي آهي. بسنت ۽ 8 فيبروري جي احتجاج جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي ڏينهن ڪنهن سياسي پارٽي جو نه پر علائقي جو هوندو آهي ۽ پوري دنيا ۾ ڏهاڙن جي موقعن تي قوم گڏ ٿيندي آهي. هن چيو ته 8 فيبروري تي ڪو احتجاج نه ٿيندو پر 6، 7 ۽ 8 فيبروري تي صرف بسنت جو ڏهاڙ هوندو. هن چيو ته هر ڏينهن پاڪستان ۾ نوان برانڊز ۽ ڪاروبار اچي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي وزيراعظم گذريل ڏينهن ايوارڊ سان نوازيو آهي. هن چيو ته دنيا جي ناليوارين مالياتي ريٽنگ ادارن جون رپورٽون آهن ته پاڪستان جي معيشت صحيح رُخ طرف گامزن آهي. 2018ع کان 2022ع دوران پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو ويو، ملڪي معيشت ۽ صنعت جو ڦيٿو به رڪجي ويو هو پر اڄ پوري دنيا ۾ پاڪستان جي عزت آهي ۽ دنيا جو ڪو معاهدو پاڪستان کانسواءِ نٿو ٿئي، چاهي فلسطين جي ڳالهه هجي يا ايران يا قطر جي ڳالهه هجي. هن چيو ته پاڪستان پاڻ کي مڃرايو آهي، پاڪستان تي جيڪا ففٿ جنريشن وار مڙهي اڪيلو ڪيو ويو هو، پاڪستان ان مان نڪري آيوآهي. هن چيو ته ڊيني گروپ جي چيئرمين محمد رئوف کي زيرو لائف اسٽائل فرنچائز کولڻ تي واڌايون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته محمد رئوف جيڪي به برانڊ هاڻ تائين متعارف ڪرايا آهن اهي پاڪستان جا ڪامياب برانڊز بڻجي چڪا آهن. ان موقعي تي محمد رئوف، رانا مشهود احمد جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌنداسين ۽ سفر جاري رهندو.

مزید خبریں