نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آذربائيجان جي صدر جي خصوصي ذميوارين واري نمائندي جي ملاقات

اسلام آباد - 30 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آذربائيجان جي صدر جي خصوصي ذميوارين واري نمائندي خليف خليفوف ملاقات ڪئي ۽ گڏيل تعاون ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب خليف خليفوف ايشيا ۾ گڏيل رابطن ۽ اعتماد سازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سي آءِ سي اي) جي آذربائيجان جي …

اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آذربائيجان جي صدر جي خصوصي ذميوارين واري نمائندي خليف خليفوف ملاقات ڪئي ۽ گڏيل تعاون ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب خليف خليفوف ايشيا ۾ گڏيل رابطن ۽ اعتماد سازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سي آءِ سي اي) جي آذربائيجان جي موجوده سربراهي تحت جاري ۽ ايندڙ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سي آءِ سي اي ۾ آذربائيجان جي قائداڻي  ڪردار کي ساراهيندي علائقائي تعاون، ڊائيلاگ ۽ گڏيل اعتماد جي فروغ جي لاءِ باڪو جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں