صدر پاران پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فخر جوڳي فتح راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر چيو ته …

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فخر جوڳي فتح راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر چيو ته رانديگرن جي منظم حڪمت عملي، اعليٰ نظم ۽ ضبط ۽ ٽيم ورڪ ميدان ۾ پاڪستان جو وقار بلند ڪيو آهي. هن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ ايندڙ ميچن ۾ پُڻ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، خاص طور تي چيئرمين محسن نقوي، قومي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد جو مستحق آهي.

مزید خبریں