وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ فتح تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جي  واکاڻ

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ فتح تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جي  واکاڻ ڪندي ڪرڪيٽ مداحن کي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاهينن، خاص طور تي بالرن شاندار راند جو …

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ فتح تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جي  واکاڻ ڪندي ڪرڪيٽ مداحن کي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاهينن، خاص طور تي بالرن شاندار راند جو مُظاهرو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيم ساڳئي جذبي سان کيڏندي رهي ته ان ۾ پوري سيريز کٽڻ جي صلاحيت آهي. وزيراعظم چيو ته ڊگهي عرصي کان پوءِ آسٽريليا جهڙي مضبوط ٽيم خلاف ميچ ۾ فتح بنا ڪنهن شڪ جي رانديگرن جي محنت جو نتيجو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن رضا نقوي، سندس ٽيم ۽ ڪوچز پڻ هن فتح تي واکاڻ جا حقدار آهن. وزيراعظم سيريز جي ايندڙ ميچن لاءِ پُڻ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاهينن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں