عدالت سان لاڳاپيل ٽياڪڙي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ آمريڪي اداري وچ ۾ اهم مشاورت

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي متبادل تڪرارن جي حل (اي ڊي آر) ڪميٽي ۽ آمريڪي واپار واري کاتي جي ڪمرشل لا ڊولپمينٽ پروگرام (سي ايل ڊي پي) جي وفد وچ ۾ عدالتي نظام ۾ عدالت سان لاڳاپيل ٽياڪڙي کي اثرائتو بڻائڻ ۽ واپاري تڪرارن جي وقت سر حل بابت اسٽريٽجڪ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ عدالتي سڌارن ۽ عالمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي متبادل تڪرارن جي حل (اي ڊي آر) ڪميٽي ۽ آمريڪي واپار واري کاتي جي ڪمرشل لا ڊولپمينٽ پروگرام (سي ايل ڊي پي) جي وفد وچ ۾ عدالتي نظام ۾ عدالت سان لاڳاپيل ٽياڪڙي کي اثرائتو بڻائڻ ۽ واپاري تڪرارن جي وقت سر حل بابت اسٽريٽجڪ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ عدالتي سڌارن ۽ عالمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس جي صدارت سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس شاهد وحيد ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن به شرڪت ڪئي.اجلاس دوران عدالت سان لاڳاپيل ٽياڪڙي کي عدالتي ترجيح طور هٿي ڏيڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص طور تي اهڙن وڏن واپاري تڪرارن جي اثرائتي ۽ وقت سر حل تي زور ڀريو ويو جنهن جو سڌي ريت تعلق سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ قومي معيشت سان آهي. اي ڊي آر ڪميٽي ان موقعي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني عدليه وقت سر  ۽ اعتماد جوڳي ۽ گهٽ لاڳت وارن تڪرارن جي حل لاءِ اداره جاتي اي ڊي آر نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، اجلاس ۾ سي ايل ڊي پي طرفان متوقع اي ڊي آر ڪورسز جي تياري بابت قدمن تي به غور ڪيو ويو ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا سان هم آهنگ سهڪار جي ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. اها ملاقات سپريم ڪورٽ طرفان عدالت سان لاڳاپيل ٽياڪڙي کي هٿي ڏيڻ، عالمي سهڪار جي تسلسل، واپاري انصاف جي معيار ۾ بهتري ، ڪيسن جي باري ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان ۾ هڪ اثرائتي ۽ جوابده نظام جي قيام جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

مزید خبریں