اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي ) سپريم ڪورٽ ڏاج ۽ حق مهر بابت داخل ٻه درخواستون خارج ڪندي چيو آهي ته عدالت اهڙي خانداني ۽ گڏيل رضامندي جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي ڇو ته اهي معاملا ڌرين وچ ۾ طئي ٿيل نڪاح نامي جا آهن . درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته نڪاح نامي ۾ داخل حق مهر جي ادائيگي …
سپريم ڪورٽ نڪاح نامي ۾ داخل معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي ، درخواستون خارج

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي ) سپريم ڪورٽ ڏاج ۽ حق مهر بابت داخل ٻه درخواستون خارج ڪندي چيو آهي ته عدالت اهڙي خانداني ۽ گڏيل رضامندي جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي ڇو ته اهي معاملا ڌرين وچ ۾ طئي ٿيل نڪاح نامي جا آهن . درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته نڪاح نامي ۾ داخل حق مهر جي ادائيگي مڙس جي قانوني ذميواري آهي ۽ ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس چيو ته جڏهن ڪو شخص شادي ڪندو آهي ته نڪاح نامي ۾ سمورا شرط خاص ڪري حق مهر جي ادائيگي لازم ٿي ويندي آهي . حق مهر ۾ جيڪي شيون لکيون ويون آهن ، مڙس انهن جي ادائيگي جو پابند آهي . ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته زال جي حق مهر طور 40 تولا سون تمام گهڻو آهي ۽ مڙس 20 تولا سون ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي . ان تي چيف جسٽس چيو ته ٿورو وڌي ڏئي ته زال مطمئن ٿي ويندي ۽ چيو ته زال کي مطمئن رکڻ به مڙس جي ذميواري آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته عدالت اهڙي خانداني ۽ گڏيل رضامندي جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڇو ته اهو ڌرين وچ ۾ طئي ٿيل نڪاح نامي جو معاملو آهي . ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڏاج ۽ حق مهر بابت داخل ڪيل مختلف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. اها ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي.











