اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب)، سکر ۽ گڊو بئراج جي مرمت ۽ بحالي جي منصوبي ۾ مبينا مالي بدعنواني بابت خبرن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته نيب سکر ۾ ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي انڪوائري يا جاچ التوا هيٺ ناهي. نيب طرفان جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 28 جنوري 2026ع تي اڪثر ميڊيا ذريعن ۾ اهي خبرون گردش …
سکر ۽ گڊو بئراج جي مرمت بابت نيب ۾ ڪا انڪوائري التوا هيٺ ناهي، نيب جي وضاحت

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب)، سکر ۽ گڊو بئراج جي مرمت ۽ بحالي جي منصوبي ۾ مبينا مالي بدعنواني بابت خبرن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته نيب سکر ۾ ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي انڪوائري يا جاچ التوا هيٺ ناهي. نيب طرفان جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 28 جنوري 2026ع تي اڪثر ميڊيا ذريعن ۾ اهي خبرون گردش ڪنديون رهيون ته نيب سکر ۾ سکر يا گڊو بئراج جي منصوبن ۾ مبينا مالي بي ضابطگين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر اهو اطلاع حقيقت جي ابتڙ آهي. وضاحتي بيان مطابق نيب کي ان حوالي سان هڪ شڪايت ملي هئي جنهن کي اداري جي طئي ٿيل طريقي ڪار (ايس او پيز) تحت وڌيڪ ضروري ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي آفيس ۾ قائم احتساب سهولت سيل (اي ايف سي) کي موڪليو ويو آهي. نيب واضح ڪيو ته ادارو شفافيت، قانون جي بالادستي ۽ مقرر ڪيل ضابطه ڪار تحت ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان معاملي ۾ جيڪڏهن ڪا نئين اڳڀرائي ٿي ته عوام کي وقت سر آگاهه ڪيو ويندو.











