ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ، جهڙالي ۽ جابلو علائقن ۾ سخت ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جهڙالي ۽ جابلو علائقن ۾ سخت ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. شام/رات ۾ گلگت بلتستان، مٿاهين ڪي پي ڪي ۽ اُتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ هلڪي برفباري جي اميد آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جهڙالي ۽ جابلو علائقن ۾ سخت ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. شام/رات ۾ گلگت بلتستان، مٿاهين ڪي پي ڪي ۽ اُتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ هلڪي برفباري جي اميد آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ کان گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 11، استور، زيارت ڪاٽو 9، ڪالام ڪاٽو 8، قلات، اسڪردو ڪاٽو 7، پارا چنار ۽ گوپس ۾ ڪاٽو 6 ڊگري سينٽي گريڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں