انصاف تائين عام شهريءَ جي پهچ آسان بنائڻ عدليه جي پهرين ترجيح آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس،جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف تائين عام شهريءَ جي پهچ کي آسان بنائڻ عدليه جي پهرين ترجيح آهي، ان مقصد تحت بار ايسوسيئيشن ۽ ٻين ڌُرين سان مسلسل صلاح مشورا جاري آهن ته جيئن انصاف جي نظام کي مؤثر، شفاف ۽ پائيدار بڻائي سگهجي. هن واضح ڪيو ته ڏورانهن علائقن ۾ عدالتي سهولتن جي بهتري، فنڊز …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس،جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف تائين عام شهريءَ جي پهچ کي آسان بنائڻ عدليه جي پهرين ترجيح آهي، ان مقصد تحت بار ايسوسيئيشن ۽ ٻين ڌُرين سان مسلسل صلاح مشورا جاري آهن ته جيئن انصاف جي نظام کي مؤثر، شفاف ۽ پائيدار بڻائي سگهجي. هن واضح ڪيو ته ڏورانهن علائقن ۾ عدالتي سهولتن جي بهتري، فنڊز جي وقت سر فراهمي ۽ بنيادي سهولتن جي دستيابيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ ۾ مانسهره ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڪوهاٽ بار ايسوسيئيشن جي وفدن سان ملاقات دوران چيف جسٽس چيو ته هن پاڻ ملڪ جي مختلف ڏورانهن علائقن جو دؤرو ڪيو ته جيئن ايڪسس ٽو جسٽس فنڊ پروگرام تحت فنڊز جي ورڇ ۾ موجود انتظامي ۽ رابطا جاتي خال جي نشاندهي ڪري سگهجي، انهن خامين کي ختم ڪرڻ ۽ سروس ڊليوري کي بهتر بنائڻ لاءِ صوبن ۾ ريزيڊنٽ ايڊيشنل سيڪريٽريز مقرر ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس موجب سڌارن وارن قدمن تحت عدالتي عمارتن جي سولرائزيشن، اِي لائبريريز جي قيام، عورت سهولت مرڪزن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي کي ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته عدالتي انفراسٽرڪچر ۽ انصاف تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ بابت جاري سڌارا آگسٽ 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ڪوهاٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد نوجوان وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت ۽ سگهه وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ پنهنجي بار ۾ اِي لائبريري ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چيف جسٽس وفد کي آگاهه ڪيو ته فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي انتظام هيٺ ڪنٽينيونگ ليگل ايجوڪيشن پروگرامز جاري آهن، جنهن سان نوجوان وڪيل پنهنجي قانوني مهارت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته تربيتي پروگرامن جو ڪئلينڊر فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي پليٽ فارم تي دستياب آهي. مانسهره جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ انفراسٽرڪچر ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي عدم دستيابي بابت مسئلن جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس لاڳاپيل ريزيڊنٽ ايڊيشنل سيڪريٽريءَ کي فوري تي دؤرو ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي.

مزید خبریں