بگوٽا-29 جنوري (اي پي پي) ڪولمبيا جو جهاز وينزويلا جي سرحدي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ پارليامينٽ جي هڪ ميمبر سميت سمورا 15 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولمبيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن رياستي ايئرلائن ساتينا جو جهاز سرحدي شهر ڪوتا کان روانو ٿيو ۽ منجهند جو اوڪانا …
ڪولمبيا ۾ جهاز ڪري تباهه پارليامينٽ جي ميمبر سميت 15 ڄڻا اجل جو شڪار

مزید خبریں
بگوٽا-29 جنوري (اي پي پي) ڪولمبيا جو جهاز وينزويلا جي سرحدي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ پارليامينٽ جي هڪ ميمبر سميت سمورا 15 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولمبيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن رياستي ايئرلائن ساتينا جو جهاز سرحدي شهر ڪوتا کان روانو ٿيو ۽ منجهند جو اوڪانا ۾ لينڊنگ کان ڪجهه دير اڳ ڪنٽرول ٽاورز سان ان جو رابطو ڪٽجي ويو. حادثي ۾ ڪير به زنده ناهي بچيو. جهاز ۾ 13 مسافر ۽ عملي جا 2 ميمبر سوار هيا. ڪوڪوتا جو علائقو جابلو آهي جتي موسم تيزي سان تبديل ٿيندي رهندي آهي جڏهن ته ڪجهه حصا ڪولمبيا جي سڀ کان وڏي گوريلا تنظيم نيشنل لبريشن آرمي (ايلن)جي ڪنٽرول ۾ آهي. حڪومت جهاز ۽ لاشن جي ڳولا لاءِ فضائيه جون ٽيمون مقرر ڪيون آهن.











