گڏيل قومون-28 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل يمن جي سامونڊي شهر حديده بابت گڏيل قومن جي مشن ( يو اين ايم ايڇ اي ) جي مدي ۾ آخري ڀيرو توسيع ڪندي ان کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل قرارداد 2813 تحت حديده معاهدي جي حمايت لاءِ قائم گڏيل قومن جي مشن ( يو اين ايم ايڇ اي ) …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران حديده مشن بند ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
گڏيل قومون-28 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل يمن جي سامونڊي شهر حديده بابت گڏيل قومن جي مشن ( يو اين ايم ايڇ اي ) جي مدي ۾ آخري ڀيرو توسيع ڪندي ان کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل قرارداد 2813 تحت حديده معاهدي جي حمايت لاءِ قائم گڏيل قومن جي مشن ( يو اين ايم ايڇ اي ) جو مينڊيٽ ٻن مهينن جي حتمي مدي لاءِ 31 مارچ 2026 تائين وڌايو ويو آهي. ان عرصي دوران مشن پنهنجي سرگرمين ۽ زميني موجودگي کي گهٽائيندو ۽ باقي ٻين ذميوارين جي منتقلي لاءِ يمن لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي آفيس سان رابطو ڪندو. قرار داد ۾ اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته پهرين اپريل 2026 کان يو اين ايم ايڇ اي کي باضابطه طور تحليل ڪيو ويندو.ان سان گڏو گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چيو ويو آهي ته هو يمن جي ڌرين سان مشاورت کان پوءِ مشن جي منتقلي ۽ خاتمي جو جامع منصوبو تيار ڪري. اها قرارداد 13 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي جڏهن ته چين ۽ روس راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. واضح رهي ته سلامتي ڪائونسل يو اين ايم ايڇ اي کي سال 2019 ۾ قائم ڪيو هيو ته جيئن اسٽاڪ هوم معاهدي تحت حديده شهر ۽ حديده، صليف ۽ راس عيسي جي بندرگاهن بابت معاهدي تي عمل درآمد ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. جيڪو يمن جي حڪومت ۽ حوثي باغين وچ ۾ طئي ٿيو هيو.











