چين ۽ يورپ حريف نه پر شراڪتدار آهن: صدر شي جن پنگ

بيجنگ -27 جنوري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي، ته چين ۽ يورپ هڪ ٻئي جا حريف ناهن پر شراڪتدار آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن چين جو دورو ڪندڙ فن لينڊ جي وزيراعظم پيٽري اورپو  سان ملاقات دوران چئي. چين جي صدر چيو ته چين  ۽ يورپ وچ ۾ سهڪار چٽاڀيٽي تي ٻڌل آهي ۽ هنن جا گڏيل مفاد  اختلافن کان مٿانهان آهن. …

بيجنگ -27 جنوري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي، ته چين ۽ يورپ هڪ ٻئي جا حريف ناهن پر شراڪتدار آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن چين جو دورو ڪندڙ فن لينڊ جي وزيراعظم پيٽري اورپو  سان ملاقات دوران چئي. چين جي صدر چيو ته چين  ۽ يورپ وچ ۾ سهڪار چٽاڀيٽي تي ٻڌل آهي ۽ هنن جا گڏيل مفاد  اختلافن کان مٿانهان آهن. هن چيو ته چين اميد ڪري ٿو ته فن لينڊ چين يورپ لاڳاپان جي صحت مند ۽ مستحڪم ترقي کي هٿي وٺائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو. چين جي صدر چيو ته چين ۽ فن لينڊ کي توانائي جي منتقلي، سرڪلر اڪانامي، زراعت ۽ صنعتن سميت سائنسي ۽ فني جدت جهڙن شعبن م گڏيل مفادن تي ٻڌل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ گهرجي. هن فن لينڊ جي ڪمپنين جي آجيان ڪندي چيو ته کين وسيع چيني مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو ته جيئن هو پنهنجي عالمي چٽاڀيٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي. چين جي صدر  ان عزم جو اظهار به ڪيو ته چين فن لينڊ سان گڏجي گڏيل قومن جي عالمي نظام ۽ عالمي قانون تي ٻڌل عالمي نظام جي مضبوط تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ عالمي چئلينجز جو گڏيل طور مقابلو ڪندا.  هن چيو ته چين فن لينڊ سان گڏجي هڪ منصفاڻو ۽ منظم گهڻ قطبي دنيا کي هٿي وٺائڻ سميت هڪ ئي وقت فائدن تي ٻڌل ۽ جامع اقتصادي عالمگيريت کي اڳيان وڌائڻ لاءِ به تيار آهي.

مزید خبریں