وزير اعظم ليپ ٽاپ اسڪيم سڄي ملڪ  جي شاگردن کي جديد تعليم ۽ ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آهي: وفاقي وزير امير مقام

صوابي -27 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام  چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم سڄي ملڪ خاص ڪري خيبر پختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي جديد تعليم ۽ ڊجيٽل دنيا سان جوڙي ڇڏيو آهي،  نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. انهن خيالن جو اظهار هن صوابي يونيورسٽي ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم …

صوابي -27 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام  چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم سڄي ملڪ خاص ڪري خيبر پختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي جديد تعليم ۽ ڊجيٽل دنيا سان جوڙي ڇڏيو آهي،  نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. انهن خيالن جو اظهار هن صوابي يونيورسٽي ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو.  هن چيو ته اڄ صوابي يونيورسٽي ۾ اوهان سڀني وچ ۾ اچي مون کي دلي خوشي ۽ فخر محسوس ٿي رهيو آهي ۽ اهو نوجوانن جو ميڙاڪو اصل ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ڇاڪاڻ ته نوجوان اسان جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي اثاثو آهن ۽  اوهان شاگرد  هن قوم جو مستقبل آهيو. هن چيو ته مان سڀ کان پهرين وزيراعظم محمد شهباز شريف  جي بصيرت ۽  قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن سدائين نوجوانن کي قومي ترقي جو محور بڻايو، وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم هڪ انقلابي قدم آهي جنهن سان سڄي ملڪ خاص ڪري خيبر پختونخوا جي پٺتي پيل علائقن ۾ شاگردن کي جديد تعليم ۽ ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ صوابي يونيورسٽي مان 241 شاگرد ان اسڪيم مان سڌي ريت فائدو کڻي رهيا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وفاقي حڪومت نوجوانن جي مستقبل لاءِ سنجيده آهي. هن چيو ته هو خاص طور تي راڻا مشهود احمد خان  کي به خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪو ڏينهن رات نوجوانن لاءِ روزگار، تعليم، اسڪالرشپس ۽ هنرمندي جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آهي.  پي ايم يوٿ پروگرام ملڪ جي لکين نوجوانن کي بااختيار بڻايو آهي. هن چيو ته هو فيلڊ مارشل ۽ وزيراعطم پاڪستان  جي جرئتمنداڻي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن جي قيادت ۾ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي نه رڳو  پنهنجو دفاع ڪيو پر نه فتح ٿيڻ جوڳو ثابت ڪيو پر دنيا کي به اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان هڪ مضبوط، خوددار ۽ پرامن ملڪ آهي. ان فتح کان پوءِ پاڪستان جي عالمي ساک مضبوط ٿي، عالمي سطح تي پاڪستاني موقف کي پذيرائي ملي ۽ اسان جي ڪامياب سفارتڪاري نوان موقعا پيدا ڪيا. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته صوابي يونيورسٽي لاءِ وفاقي حڪومت پاران نمايان قدم کنيا پيا وڃن. 2015ع ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف جي حڪومت ۾ پي ايس ڊي پي تحت ٻن اڪيڊمڪ بلاڪس جي تعمير جو منصوبو 1001 ملين روپين جي منظوري سان ڪيو ويو. هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2023ع ۾ ان منصوبي کي وسعت ڏيندي وڌيڪ 701 ملين رپيا فراهم ڪيا جيڪو وفاقي حڪومت جي تعليمي عزم جو واضح ثبوت آهي. ان کان علاوه هونهار اسڪالرشپس مان صوابي يونيورسٽي جي 50 شاگردن فائدو حاصل ڪيو، جيڪو تعريف جوڳو قدم آهي. وفاقي وزير واضح ڪندي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ئي پاڪستان جو مستقبل آهيو، اوهان ئي پاڪستان جي طاقت آهيو، تعليم، تحقيق ۽ ڪردار ذريعي هن ملڪ کي اڳيان وٺي وڃڻ اوهان جي ذميواري آهي ۽ اسان اوهان سان گڏ آهيون.

مزید خبریں