سرينگر -27 جنوري (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي چيو آهي، ته ڀارت ۾ يوم جمهوريه جي سرڪاري تقريبن جي ابتڙ والاريل علائقي ۾ عوام اڄ به پنهنجي بنيادي آئيني حقن کان محروم آهي، جتي اظهار جي آزادي، مذهبي آزادي ۽ سياسي حقن کي مسلسل لتاڙيو پيو وڃي ۽ آئيني ضمانتن تي عمل بي معنيٰ ٿي …
والاريل ڪشمير ۾ عام ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهي: محبوبه مفتي

مزید خبریں
سرينگر -27 جنوري (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي چيو آهي، ته ڀارت ۾ يوم جمهوريه جي سرڪاري تقريبن جي ابتڙ والاريل علائقي ۾ عوام اڄ به پنهنجي بنيادي آئيني حقن کان محروم آهي، جتي اظهار جي آزادي، مذهبي آزادي ۽ سياسي حقن کي مسلسل لتاڙيو پيو وڃي ۽ آئيني ضمانتن تي عمل بي معنيٰ ٿي چڪو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محبوبه مفتي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته 15 آگسٽ 1947ع کي ڀارت کي نئين آبادياتي اقتدار مان آزادي ملي جڏهن ته 26 جنوري 1950ع کان لاڳو ٿيل آئين شهرين جي عزت، اظهار جي آزادي، مذهبي آزادي، راءِ ڏيڻ واري حق جي ضمانت ڏيڻ لاءِ جوڙيو ويو هو. جڏهن ته ان موجب والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ اهي حق رڳو ڪاغذي دعوائن تائين محدود رهجي ويا آهن. هن چيو ته ڪشمير جي حوالي سان آئين جو مقصد مضبوط ادارا قائم ڪرڻ هو ته جيئن شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري سگهجي. پر افسوس آهي ته اهي ادارا اڄ عوام خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن. جنهن جي نتيجي ۾ ڏاڍ، سياسي حق تلفي ۽ شهري آزادين جو مسلسل خاتمو ٿي رهيو آهي. مبصرن موجب محبوبه مفتي جا خيال والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ عوامي احساسن جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي ڊگهيون پابنديون، هٿ ٺوڪيون گرفتاريون، اختلاف راءِ جو لتاڙجڻ ۽ 2019ع ۾ خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ کان پوءِ سڌي ريت مرڪزي حڪمراني ڪشميري عوام کي حقيقي جمهوري عمل کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.











