برطانيه آمريڪا سان خصوصي لاڳاپن ۽ چين سان رابطن کي ھٿي ڏيڻ ۾ ڪنھن ھڪ جي چونڊ نه ڪندو: برطانوي وزيراعظم

لنڊن - 27 جنوري (اي پي پي) برطانيه جي وزيراعظم ڪيئراسٽارمر چيو آھي ته سندس ملڪ آمريڪا سان خصوصي لاڳاپن ۽ چين سان رابطن کي ھٿي ڏيڻ ۾ ڪنھن ھڪ جي چونڊ نه ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن اھا ڳالھه چين جي دوري کان اڳ بلومبرگ کي ڏنل ھڪ خصوصي انٽرويو ۾ چئي. ڪيئر اسٽامر جو چوڻ ھو ته کيس اڪثر ملڪن وچ ۾ چونڊ ڪرڻ جو چيو ويندو آھي، …

لنڊن – 27 جنوري (اي پي پي) برطانيه جي وزيراعظم ڪيئراسٽارمر چيو آھي ته سندس ملڪ آمريڪا سان خصوصي لاڳاپن ۽ چين سان رابطن کي ھٿي ڏيڻ ۾ ڪنھن ھڪ جي چونڊ نه ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن اھا ڳالھه چين جي دوري کان اڳ بلومبرگ کي ڏنل ھڪ خصوصي انٽرويو ۾ چئي. ڪيئر اسٽامر جو چوڻ ھو ته کيس اڪثر ملڪن وچ ۾ چونڊ ڪرڻ جو چيو ويندو آھي، جڏھن ته مان ائين نه ڪندو آھيان. ھن ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته آمريڪا سان واپاري معاھدن دوران به مٿس آمريڪا ۽ يورپ مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ جو دٻاءُ ھو، جنھن کي ھن رد ڪري ڇڏيو. برطانوي وزيراعظم چيو ته آمريڪا سان ويجھا لاڳاپا برطانيا لاءِ انتھائي اھم آھن ۽ انھن لاڳاپن کي واپار، سلامتي ۽ دفاع جي شعبن ۾ برقرار رکيو ويندو. جڏھن ته سندس چوڻ آھي ته دنيا جي ٻي وڏي معيشت چين کي نظر نداز ڪرڻ دانشمنداڻو نه ھوندو. ڇو ته چين ۾ واپار جا موقعا موجود آھن. ڪيئراسٽامر وزيرن ۽ واپاري اڳواڻن جي ھڪ وفد سان گڏجي چين روانو ٿيندو. ميڊيا رپورٽس مطابق اٽڪل 60 برطانوي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بيجنگ ۾ ساڻس گڏ ھوندا. اھو دورو 2018ع کانپوءِ ڪنھن برطانوي وزيراعظم جو پھرين دورو بيجنگ جو ھوندو، جڏھن اڳوڻي وزيراعظم ٿريسامي چين جي گادي واري شھر ۾ ڪيترن ئي معاھدن تي صحيحون ڪيون ھيون. پرڏيھي ميڊيا مطابق ان دوري سان عالمي جاگرافيائي ۽ سياسي تڪرارن باوجود برطانيا ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر مبينا ”سونھري دور“ جي بحالي جي اميد ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں