وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڊينمارڪ جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير  ماجا مورٽينسن ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران موجوده عالمي سياسي صورتحال جي روشنيءَ ۾ سائنسي سفارتڪاريءَ جي مختلف رُخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مصدق ملڪ ان تي زور ڀريو ته موسمياتي تبديلي جو واڌو …

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير  ماجا مورٽينسن ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران موجوده عالمي سياسي صورتحال جي روشنيءَ ۾ سائنسي سفارتڪاريءَ جي مختلف رُخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مصدق ملڪ ان تي زور ڀريو ته موسمياتي تبديلي جو واڌو بار عالمي ڏاکڻن ملڪن تي پئجي رهيو آهي، جيئن ته عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ سندن حصو ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن نشاندهي ڪئي ته عالمي گرين هائوس گيسن جي تقريبن 70 سيڪڙو اخراج جا ذميدار صرف 10 ملڪ آهن جڏهن ته عالمي سطح تي دستياب تقريبن 85 سيڪڙو گرين فنانسنگ به انهن ملڪن کي حاصل ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ نارٿ جي ملڪن جي مضبوط سماجي فلاحي ماڊلز ۽ ترقي پسند ماحولياتي قدمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ موجوده عالمي سياسي صورتحال ۽ انهن جي موسمياتي قدمن ۽ عالمي سهڪار تي پوندڙ اثرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير، سفير کي پاڪستان ۾ هڪ گرين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي منصوبي کان به آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد موسمياتي ۽ ماحولياتي علم جي شعبي ۾ گڏيل تحقيق سميت دنيا جي مختلف ناليوارين يونيورسٽين سان شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا جي پروگرام کي هٿي ڏيڻ آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ موسمياتي قدمن سميت سائنسي سفارتڪاري جي شعبن ۾ ڀائيواري واري عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ عزم ورجايو.

مزید خبریں