ملتان-26 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته غربت جو خاتمو صرف رياست جي وس جي ڳالهه ناهي، ان مقصد لاءِ سرنديءَ وارن، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي کي حڪومت سان حصيداري ڪرڻي پوندي. هو پنجاب ۾ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ (پي پي اي ايف) جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب پي پي اي ايف جي ڪميونٽي انفراسٽرڪچر ۽ معاشي بااختياري واري تقريب کي خطاب …
غربت جي خاتمي لاءِ رياست سان گڏوگڏ سرنديءَ وارن، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
ملتان-26 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته غربت جو خاتمو صرف رياست جي وس جي ڳالهه ناهي، ان مقصد لاءِ سرنديءَ وارن، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي کي حڪومت سان حصيداري ڪرڻي پوندي. هو پنجاب ۾ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ (پي پي اي ايف) جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب پي پي اي ايف جي ڪميونٽي انفراسٽرڪچر ۽ معاشي بااختياري واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين چيو ته غربت ۾ گهٽتائيءَ لاءِ اجتماعي ڪوششون ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اڻٽر آهن، سول سوسائٽي ۽ فلاحي ادارا حڪومت جي فلاحي منصوبن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. سينٽ چيئرمين پاڪستان پاورٽي ايليوييشن فنڊ ۽ ان جي 63 حصيدار ادارن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پي پي اي ايف بنا وياج جا قرض، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ نمايان سيڙپڪاريءَ ذريعي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جي ڪوششن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي وزارتِ عظميٰ جي دؤر کي ياد ڪندي چيو ته هن غريب ۽ حقدار ڪٽنبن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بي آءِ ايس پي جي شروعات ڪئي جنهن تحت عورتن کي خاندان جو سربراهه قرار ڏئي معاشي ۽ سماجي طور تي بااختيار بڻايو ويو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي آپريشنز دوران تقريبن 25 لک بي گهر ماڻهن کي 90 ڏينهن اندر بحال ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي هئي. عالمي معاشي بحران دوران پنهنجي حڪومت جي زرعي پاليسين جو ذڪر ڪندي چيو ته زراعت کي مضبوط بڻائي ڪڻڪ، چانورن، ڪپهه ۽ کنڊ جي رڪارڊ پيداوار ۽ روانگي واپار ممڪن بڻايو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آبادگارن، عورتن ۽ ٻارن کي معاشي طور تي بااختيار بنائڻ کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي. هن سنڌ ڊولپمينٽ آرگنائزيشن کي به پي پي اي ايف جو حصيدار بڻائڻ جي تجويز ڏني ۽ ٻُڌايو ته يونيسيف طرفان سنڌ حڪومت کي صحت ۽ تعليم لاءِ خاطرخواه فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن.











