سرڪاري ملازمن جي ترقي بنيادي حق آهي، دير يا انتظامي لاپرواهي ان حق کي متاثر نه ٿي ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ترقي ۾ دير جي حوالي سان اهم ۽ اصولي فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته اهل سرڪاري آفيسرن کي پهرين کاتي جي ترقي ڪميٽي (ڊي پي سي) جي ڏينهن کان ئي ترقي جو حق حاصل هوندو، انتظامي غفلت يا دير جو نتيجو ملازم کي ڀوڳڻو نه پوندو. سپريم ڪورٽ پنجاب سروسز ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي …

اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ترقي ۾ دير جي حوالي سان اهم ۽ اصولي فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته اهل سرڪاري آفيسرن کي پهرين کاتي جي ترقي ڪميٽي (ڊي پي سي) جي ڏينهن کان ئي ترقي جو حق حاصل هوندو، انتظامي غفلت يا دير جو نتيجو ملازم کي ڀوڳڻو نه پوندو. سپريم ڪورٽ پنجاب سروسز ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي سرڪاري ملازم فخر مجيد جي ترقي 21 جنوري 2012ع کان مؤثر قرار ڏني آهي. پنجاب سروسز ٽربيونل فخر مجيد جي ترقيءَ بابت اپيل رد ڪندي مؤقف اختيار ڪيو هو ته ملازم کي خالي عهدي جي ڏينهن کان ترقيءَ جو حق حاصل ناهي. سپريم ڪورٽ موجب اهل سرڪاري ملازم کي وقت سر ترقيءَ لاءِ ڊي پي سي ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو سندس بنيادي حق آهي، جڏهن ته انتظامي نااهلي، لاپرواهي يا دير جي سزا ملازم کي نٿي ڏئي سگهجي. 7 صفحن تي ٻَڌل لکت وارو فيصلو جسٽس عائشه ملڪ لکيو، جڏهن ته ڪيس جي ٻُڌڻي جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ تفصيل ۾ ٻڌايو آهي ته سرڪاري ملازمن جي ترقي هڪ بنيادي حق آهي ۽ ان ترقيءَ ۾ دير يا انتظامي لاپرواهي ملازمن جي حق کي متاثر نه ڪندي. عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ملازم اهليت جي سمورين گهرجن تي پورو لهي ٿو ته ان کي پهرين ڊي پي سي جي تاريخ کان ئي ترقي ڏيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ملازمن جي وقت سر ترقي کي يقيني بڻائين ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته انتظامي ناڪامي يا سستي جو نقصان ملازم تي نه وڌو وڃي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ زور ڀريو آهي ته ملازمن کي انتظامي غفلت جي سزا نٿي ڏئي سگهجي ۽ رياستي ادارن جي ذميداري آهي ته اهي پنهنجي نظام کي مؤثر ۽ وقت سر بڻائين.

مزید خبریں