صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي پاران لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب مرتضيٰ سولنگي چيو ته لاهور پريس ڪلب جون چونڊون صحافتي برادري جي جمهوري روايت جو مظهر آهن. مرتضيٰ سولنگي لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊن ۾ حصو …

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب مرتضيٰ سولنگي چيو ته لاهور پريس ڪلب جون چونڊون صحافتي برادري جي جمهوري روايت جو مظهر آهن. مرتضيٰ سولنگي لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن جي ان جمهوري عمل ۾ شرڪت کي ساراهيو. صدر جي ترجمان چيو ته چونڊ عمل ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار به جمهوريت جي استحڪام ۾ برابر جا شريڪ آهن، لاهور پريس ڪلب جي چونڊن صحافي برادري جي جمهوري شعور ۽ اتحاد کي اجاگر ڪيو، آزاد، شفاف ۽ جمهوري چونڊون صحافت جي وقار جي علامت آهن.

مزید خبریں