اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”صاف توانائي جو عالمي ڏهاڙو“ملهايو ويو. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هر سال 26 جنوري تي اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد ماحول دوست، قابل تجديد ۽ سستي توانائي جي ذريعي استعمال کي هٿي ڏيڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار مستقبل لاءِ صاف توانائي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صاف توانائي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”صاف توانائي جو عالمي ڏهاڙو“ملهايو ويو. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هر سال 26 جنوري تي اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد ماحول دوست، قابل تجديد ۽ سستي توانائي جي ذريعي استعمال کي هٿي ڏيڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار مستقبل لاءِ صاف توانائي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، 26 جنوري تي ماحول دوست توانائي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پاڪستان ۽ پاناما طرفان گڏيل طور تي پيش ڪيل قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني ۽ 193 رڪني جنرل اسيمبلي، ماحوليات جي تحفظ لاءِ پيش ڪيل قرارداد جي بغير ووٽنگ منظوري ڏني. پاڪستان، 2030ع تائين گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو جي گهٽتائي آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ خاص تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ عام ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وئي.











