صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ مان منظور ٿيل 7 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ مان منظور ٿيل 7 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان واپار، ٽيڪس، سماجي تحفظ، تعليم، ريلوي ۽ انساني حقن بابت قدمن جي لاءِ قانونسازي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منظور ٿيل قانونسازي ۾ نيشنل ٽيرف ڪميشن (ترميمي) بل 2026ع، ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ (ترميمي) بل 2026ع، …

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ مان منظور ٿيل 7 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان واپار، ٽيڪس، سماجي تحفظ، تعليم، ريلوي ۽ انساني حقن بابت قدمن جي لاءِ قانونسازي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منظور ٿيل قانونسازي ۾ نيشنل ٽيرف ڪميشن (ترميمي) بل 2026ع، ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ (ترميمي) بل 2026ع، ريلوي جي منتقلي (ترميمي) بل 2026ع، گهريلو تشدد (خاتمي ۽ تحفظ) بل 2026ع، دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2026ع، انڪم ٽيڪس (ترميمي) بل 2026ع ۽ انساني حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2026ع شامل آهن.

مزید خبریں