پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1 لک 90 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري ويو

اسلام آباد- 26 جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي جتي سيڙپڪارن جي اعتماد، هاڪاري معاشي اهڃاڻن ۽ مارڪيٽ ۾ وڌندڙ سرگرمي سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ نئين بلند ترين سطح قائم ڪري ويو. ڪاروبار جي شروعات تي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 945 کان وڌيڪ …

اسلام آباد- 26 جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي جتي سيڙپڪارن جي اعتماد، هاڪاري معاشي اهڃاڻن ۽ مارڪيٽ ۾ وڌندڙ سرگرمي سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ نئين بلند ترين سطح قائم ڪري ويو. ڪاروبار جي شروعات تي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 945 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 1 لک 90 هزار 112 پوائنٽس جي سطح عبور ڪري ويو. ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس ڄاڻايل سطح تي برقرار رهيو. سيڙپڪاري حلقن مطابق اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اها تيزي حڪومت طرفان محتاط معاشي پاليسين، مالياتي نظم و ضبط، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي، وياج جي شرح سان لاڳاپيل هاڪاري امڪان ۽ معيشت ۾ استحڪام جي آثار جو نتيجو آهي. ان کانسواءِ مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن طرفان توانائي، بئنڪاري، سيمينٽ ۽ آٽو موبائل جي شعبن ۾ ڀرپور دلچسپي به مارڪيٽ جي هاڪاري رجحان جو سبب بڻيو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٽريڊنگ جي پڄاڻي تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1478 پوائنٽس اضافي سان 1 لک 89 هزار 166 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.

مزید خبریں