خيبرپختونخوا جي گورنر پاران پارٽي جي عھديدارن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن سان ملاقات

پشاور - 26 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيره اسماعيل خان جي ھڪ ڏينھن واري دوري جي موقعي تي ڪنڊي ماڊل فارم ۾ پارٽي عھديدارن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون. پشاور جي ترجمان گورنر ھائوس جي آفيس مان جاري بيان مطابق پارٽي جي ضلعي جي صدر ملڪ فرحان افضل ڌپ ملاقات ۾ گونر پارٽي جي تنظيمي معاملن تي خيالن …

پشاور – 26 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيره اسماعيل خان جي ھڪ ڏينھن واري دوري جي موقعي تي ڪنڊي ماڊل فارم ۾ پارٽي عھديدارن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون. پشاور جي ترجمان گورنر ھائوس جي آفيس مان جاري بيان مطابق پارٽي جي ضلعي جي صدر ملڪ فرحان افضل ڌپ ملاقات ۾ گونر پارٽي جي تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏھن ته ان موقعي تي شھرين گورنر کي ڪيترن ئي مسئلن کان به آگاھه ڪيو. گورنر شھرين جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ موقعي تي موجود عملي کي مسئلي بابت قدم کڻڻ جي ھدايت ڏني. ھن پيپلز پارٽي جي ورڪرن جي مشڪل حالتن ۾ پارٽي ۽ نظريه سان وابستگي تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. ڪارڪنن جو چوڻ ھو ته جنھن عوامي انداز سان فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر شپ ھلائي رھيو آھي، سڄي صوبي ۽ ملڪ ۾ ٻين سياسي جماعتن جا ڪارڪن به گورنر، پيپلزپارٽي ۽ پارٽي جي پاليسين تي رشڪ ڪن ٿا.

مزید خبریں