نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ميانمار جي پرڏيهي وزير ٿان سوئي جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون

اسلام آباد-جنوري 26 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ميانمار جي پرڏيهي وزير ٿان سوئي سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رُخن جو جامع جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ …

اسلام آباد-جنوري 26 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ميانمار جي پرڏيهي وزير ٿان سوئي سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رُخن جو جامع جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ مذهبي سياحت، عوام کان عوام تائين رابطا ۽ ثقافتي مٽاسٽا شامل آهن، ته جيئن گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏئي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں