اسلام آباد _ 26 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ملڪ جي پاسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائيندي ڊائريڪٽوريٽ جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس ۾ جديد ترين مانيٽرنگ نظام ”شڪرا“ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان انقلابي قدم کانپوءِ پاڪستان جو پاسپورٽ سسٽم دنيا جي اسريل ملڪن جي برابر ٿي ويو آهي جنهن سان نه رڳو ڏيهه پر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ پاسپورٽ جي درخواستون ۽ …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڊائريڪٽوريٽ جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس ۾ جديد ترين مانيٽرنگ نظام ”شڪرا“ جو باقاعده افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد _ 26 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ملڪ جي پاسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائيندي ڊائريڪٽوريٽ جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس ۾ جديد ترين مانيٽرنگ نظام ”شڪرا“ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان انقلابي قدم کانپوءِ پاڪستان جو پاسپورٽ سسٽم دنيا جي اسريل ملڪن جي برابر ٿي ويو آهي جنهن سان نه رڳو ڏيهه پر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ پاسپورٽ جي درخواستون ۽ ڊليوري جي رئيل ٽائيم نگراني ممڪن ٿي سگهندي. گهرو وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ”شڪرا“ سسٽم (سيڪوئر هائبريڊ انٽيلي جنس فار نالج بيسڊ ريسپونس اناليٽڪس) هڪ اهڙو ڊيجيٽل ڊيش بورڊ آهي جيڪو پاسپورٽ ٺهڻ جي هر مرحلي جي پاڻ مرادو نگراني ڪندو. اهو نظام آفيسن ۾ غير معمولي رش، پرنٽنگ ۾ دير ۽ مشينري جي صورتحال جي فوري نشاندهي ڪندو جڏهن ته انساني مداخلت کي ختم ڪرڻ لاءِ جديد جرمن مشينون لڳايون ويون آهن جن سان پرنٽنگ جي صلاحيت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي. محسن نقوي ان موقعي تي اهم سڌارن جو اعلان ڪندي ايمرجنسي ٽريول ڊاڪومينٽ جي نظام کي به مڪمل ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ 24/7 ڪال سينٽر ۽ مانيٽرنگ روم به فعال ڪيا ويا آهن. گهرو وزير مانيٽرنگ روم، فرانزڪ ليب ۽ پروڊڪشن يونٽ جو معائنو ڪندي ڊي جي پاسپورٽس ۽ سندس ٽيم کي ساراهيو ۽ واضح ڪيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جا سيڪيورٽي فيچرز هاڻي عالمي هوابازي جي اداري (آئي سي اي او) جي مقرر ڪيل معيار مطابق آهن. گهرو وزير ڳالهائيندي چيو ته اسان جو اصل مقصد شهرين کي عالمي معيار جون تيز رفتار ۽ محفوظ خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. نئين نظام جي ذريعي هاڻي شهري پنهنجي پاسپورٽ جي هر مرحلي جي معلومات حاصل ڪري سگهندا، جنهن سان کاتي ۾ شفافيت ايندي ۽ ڪرپشن يا ايجنٽ مافيا جو رستو مڪمل طورتي بند ٿي ويندو. تقريب ۾ ڊي جي ايف آئي اي، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد سميت ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.











