اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارتي يوم جمهوريه تي ڪشميري عوام ان کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائيندو، پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي مڪمل حمايت جاري رکندو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارت ڪشميرين جو خوداراديت وارو حق کسي جمهوريت جو ناٽڪ ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني …
پاڪستان ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي مڪمل حمايت جاري رکندو: وفاقي وزير انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارتي يوم جمهوريه تي ڪشميري عوام ان کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائيندو، پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي مڪمل حمايت جاري رکندو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارت ڪشميرين جو خوداراديت وارو حق کسي جمهوريت جو ناٽڪ ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون بدترين ڀڃڪڙيون جاري آهن. هن چيو ته ڀارت جمهوري ملڪن لاءِ هڪ بدنما داغ آهي، ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن پاڪستان ۽ سڄي دنيا جا ڪشميري ڀارتي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي مڪمل حمايت جاري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي.











