اسلام آباد-جنوري 26 (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 26 کان 29 جنوري 2026ع تائين گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران ساڻس هڪ اعليٰ سطحي وفد پُڻ گڏ هوندو. پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب يو اي اي جي پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خاص …
صدر آصف علي زرداري 26 کان 29 جنوري 2026ع تائين گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد-جنوري 26 (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 26 کان 29 جنوري 2026ع تائين گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران ساڻس هڪ اعليٰ سطحي وفد پُڻ گڏ هوندو. پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب يو اي اي جي پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي ڀائيواري، دفاع، سيڪيورٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جيڪي ٻنهي مُلڪن جي گڏيل مفادن سان لاڳاپيل آهن. پاڪستان جي صدر جو هي دورو گڏيل عرب امارات جي صدر جي تازي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٿي رهيو آهي، جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ان عزم جي تجديد ڪري ٿو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي مضبوط دوستي کي گڏيل مفادن تي ٻڌل ۽ لاڀائتي ڀائيواري ۾ تبديل ڪيو وڃي.











