اسلام آباد-جنوري 26 (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پريس ڪلب صحافين جي مضبوط آواز آهي ۽ صحافي برادري جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. سومر ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ارشد انصاري کي لاهور پريس ڪلب جو صدر، سلمان قريشي کي سينئر …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران لاهور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد-جنوري 26 (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پريس ڪلب صحافين جي مضبوط آواز آهي ۽ صحافي برادري جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. سومر ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ارشد انصاري کي لاهور پريس ڪلب جو صدر، سلمان قريشي کي سينئر نائب صدر، افضل طالب کي جنرل سيڪريٽري، ناصره عتيق ۽ مديحه الماس کي نائب صدر، سالڪ نواز کي خزانچي ۽ عمران شيخ کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، جيڪا پيشه وراڻن قدرن ۽ صحافين جي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته لاهور پريس ڪلب جا نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي مسئلن جي حل، پريس ڪلب جي ڀلائي ۽ پريس جي آزادي جي فروغ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.











