سامونڊي شعبي کي سڌارن کان پوءِ 100 ارب روپين جو منافعو ٿيو: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد -24 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته سامونڊي شعبي گذريل سال رڪارڊ 100 ارب روپيا منافعو حاصل ڪيو آهي، جيڪو هڪ سال جي وسيع سڌارن کان پوءِ ممڪن ٿيو. سڌارن سان بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري، خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڊگهي عرصي کان التويٰ هيٺ پاليسين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ملي جنهن سان پاڪستان علائقائي واپاري …

اسلام آباد -24 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته سامونڊي شعبي گذريل سال رڪارڊ 100 ارب روپيا منافعو حاصل ڪيو آهي، جيڪو هڪ سال جي وسيع سڌارن کان پوءِ ممڪن ٿيو. سڌارن سان بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري، خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڊگهي عرصي کان التويٰ هيٺ پاليسين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ملي جنهن سان پاڪستان علائقائي واپاري ۽ لاجسٽڪ مرڪز طور مستحڪم ٿيو. سامونڊي معاملن واري وزارت مطابق وفاقي وزير وزارت جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي 2025ع کي تبديلي جو سال قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته ان دوران قانونسازي، ڊجيٽلائيزيشن، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا. وفاقي وزير چيو ته اهي سڌارا بندرگاهن، شپنگ ۽ ماهيگيري جي شعبي کي جديد بڻائي، سامونڊي معيشت جي سگهه وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجو ريگيوليٽري فريم ورڪ عالمي معيار مطابق اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن ۽ شپ ريسائيڪلنگ بابت هاڪنگ ڪانگ ڪنوينشن شامل آهن. هن ٻڌايو ته قومي سامونڊي پاليسي جي منظوري هڪ اهم قدم آهي، جيڪو شپنگ، بندرگاهن، ماهيگيري ۽ سامونڊي سلامتي لاءِ هڪ ئي فريم ورڪ ۾ ايندو آهي ته جيئن پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. جنيد انوار چوڌري ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو مسافرن ۽ مال برداري لاءِ فيري سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي، گوادر جي ڊيپ سي پورٽ ۾ 100 ايڪڙن تي آف ڊوڪ ٽرمينل لاءِ واڪ طلب ڪيا ويا آهن ته جيئن وچ ايشيا ۽ ٻين خطن سان واپاري لاڳاپا مضبوط ٿين. هن سي ٽو اسٽيل منصوبي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پورٽ قاسم تي جهازن جي ري سائيڪلنگ کي ملڪي اسٽيل جي پيداوار سان مربوط ڪيو ويندو جنهن سان آمدني واپار گهٽ، معيشت کي هٿي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته اهي سڌارا گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن جي حمايت ڪن ٿا ۽ ڪاروبار ۾ آساني، ٽيڪس مراعتن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ سي پيڪ تحت بهتر واپار رستن ذريعي ملڪ جي سامونڊي معيشت کي هٿي ڏئي رهيا آهن.

مزید خبریں