پاڪستان جو مستقبل سڌوسنئون ان جي نوجوان نسل سان واڳيل آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل سڌوسنئون ان جي نوجوان نسل سان واڳيل آهي، اعليٰ تعليم تائين پهچ، مستحق شاگردن جي امداد ۽ ٽيڪنالاجي تائين بهتر پهچ جهڙا قدم نوجوانن کي عملي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيا آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي …

اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل سڌوسنئون ان جي نوجوان نسل سان واڳيل آهي، اعليٰ تعليم تائين پهچ، مستحق شاگردن جي امداد ۽ ٽيڪنالاجي تائين بهتر پهچ جهڙا قدم نوجوانن کي عملي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيا آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام خاص طور تي شاگردن، استادن، والدين، اسڪالرز ۽ تعليم جي فروغ سان واڳيل سمورن ماڻهن کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال جو موضوع ”تعليم جي تخليق ۾ نوجوانن جي طاقت“ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته نوجوانن کي رڳو شاگرد نه پر مفڪر، موجد ۽ ذميوار شهري جي طور تي پڻ تسليم ڪيو وڃي جن جا خيال تعليمي نظام ۽ جمهوري معاشرن کي مضبوط ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان جو مستقبل سڌوسنئون ان جي نوجوان نسل سان واڳيل آهي، اسان جي ملڪ جي ثقافتي وراثت وسيع ۽ نوجوان آبادي وڌيڪ آهي، ان جي لاءِ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته تعليم نوجوانن ۾ نه رڳو تجسس، قابليت ۽ ڪردار کي وڌائي پر اها انهن کي تنقيدي سوچ، اخلاقي عمل ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل پڻ بڻائي. آئين جي آرٽيڪل 25 اي تحت مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت اب بنيادي حق جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته تيزي سان بدلجندڙ ۽ گڏيل رابطن تي ٻڌل عالمي منظرنامي ۾ تعليم کي عملي مهارتن، جديد علم، اخلاقي قدرن ۽ تنوع جي احترام کي گڏ ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اعليٰ کي بهتر بڻائڻ، تحقيق ۽ ايجاد کي فروغ ڏيڻ ۽ ڊيجيٽل تعليم ۾ اضافي جون ڪوششون ان بدلجندڙ سوچ جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته ٽڪنيڪي ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت نوجوانن کي روزگار جي قابل مهارتن سان ليس ڪرڻ ۽ محنت جي عظمت کي باور ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته مهارتن جي فروغ جي لاءِ کنيل قومي قدم نوجوانن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تيار ڪري رهيا آهن ۽ تربيت کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي روزگار، ڪاروبار ۽ عالمي سطح تي شموليت جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عورتن، مدرسن جي شاگردن ۽ پٺتي پيل علائقن جي نوجوانن تائين موقعا وڌائيندڙ قدم سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ٿا ته ترقي جا ثمر سڀني کي هڪ جهڙا ميسر هجن. صدر چيو ته تعليم ان وقت وڌندي آهي جڏهن خاندان، معاشرو، استاد، ادارا ۽ نجي شعبو گڏجي ڪم ڪن ٿا ۽ جڏهن شاگرد پاڻ پنهنجي علمي ماحول کي سنوارڻ ۾ حقيقي طور تي شامل ٿين. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون سمورن لاڳاپيل ماڻهن ۽ ادارن مان اها اميد رکان ٿو ته اهي تعليم کي قومي ترجيح جي طور تي تسليم ڪندا ۽ پنهنجي نوجوانن کي هڪ هنرمند، روشن خيال ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير ۾ حصيدار بڻائيندا. صدر دعا ڪئي ته اسان جون گڏيل ڪوششون ايندڙ نسلن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جون ضامن هجن.

مزید خبریں