دبئي-24 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ڇنڇر ڏينهن دبئي ۾ ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي حالتن تي ڳالهيون ڪيون. ايران جي پرڏيهي وزير جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستان جي موقف ۽ ايران بابت لاڳاپيل ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏيڻ جي مطالبي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
دبئي-24 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ڇنڇر ڏينهن دبئي ۾ ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي حالتن تي ڳالهيون ڪيون. ايران جي پرڏيهي وزير جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستان جي موقف ۽ ايران بابت لاڳاپيل ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏيڻ جي مطالبي سميت سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڀرپور حمايت ۽ پاڪستان جي موقف جو شڪريو ادا ڪيو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام جي واکاڻ پڻ ڪئي.











