اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تعليم جو عالمي ڏينهن اسان کي هڪ باشعور ۽ مضبوط قوم جي جوڙجڪ جي ياد ڏياري ٿو، تعليم غربت جي خاتمي ۽ عورتن کي با اختيار بڻائڻ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو آهي. بي آءِ ايس پي طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پيغام …
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر رويبنه خالد جو تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تعليم جو عالمي ڏينهن اسان کي هڪ باشعور ۽ مضبوط قوم جي جوڙجڪ جي ياد ڏياري ٿو، تعليم غربت جي خاتمي ۽ عورتن کي با اختيار بڻائڻ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو آهي. بي آءِ ايس پي طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته تعليمي وظيفا پروگرام تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۾ اڳڀرو آهي، نينگرين جي تعليم پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت تعليم تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي، بينظير ايجوڪيشنل اسڪالرشپس ذريعي لکين ٻارن جو تعليمي سفر جاري آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته تعليم يافته نسل ئي خودمختيار ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهي ٿو. هن چيو ته تعليم جو عالمي ڏينهن، تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ڏينهن آهي. بي آءِ ايس پي تعليمي معاونت ذريعي مستحق خاندانن کي با اختيار بڻائي رهي آهي، بي آءِ ايس پي قدمن سان لکين ٻارن جي تعليم ممڪن ٿي رهي آهي، تعليم ۾ سيڙپڪاري اصل ۾ قوم جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي.











