اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 18 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 800 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 19 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 19 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 18 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 800 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 19 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 19 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1201.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.364 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 638.15 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.253 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











