آءِ ايم ايف جي جاري سال لاءِ پاڪستان جي اؤسر واري شرح 3.2 سيڪڙو، ايندڙ سال 4.1 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاري سال لاءِ پاڪستان جي اؤسر واري شرح 3.2 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 4.1 سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان ورلڊ اڪناڪ آئوٽ لڪ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ موجب عالمي اؤسر واري شرح 2026ع ۾ 3.3 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ 3.2 سيڪڙو رهڻ جي …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاري سال لاءِ پاڪستان جي اؤسر واري شرح 3.2 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 4.1 سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان ورلڊ اڪناڪ آئوٽ لڪ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ موجب عالمي اؤسر واري شرح 2026ع ۾ 3.3 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ 3.2 سيڪڙو رهڻ جي توقع آهي، جيڪو 2025ع ۾ اندازن حاصل ٿيل 3.3 سيڪڙو اؤسر واري شرح جي برابر آهي. رپورٽ موجب سال 2026ع ۾ پاڪستان جي اقتصادي اؤسر واري شرح 3.2 سيڪڙو ۽ـ سال 2027ع ۾ 4.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته عالمي معيشت جي بظاهر مستحڪم ڪارڪردگي مختلف ۽ هڪٻئي سان ٽڪراءُ جي سببن وچ ۾ توازن جو نتيجو آهي. هڪ طرف بدليل واپاري پاليسين سان پيدا ٿيل رڪاوٽون موجود آهن، جڏهن ته ٻي طرف ٽيڪنالاجي خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي شعبي سان جڙيل سيڙپڪاري عالمي ميعشت کي سهارو ڏئي رهي آهي. اهي مثبت اثر خاص طور تي اُتر آمريڪا ۽ ايشيا ۾ وڌيڪ نمايان جڏهن ته ٻين خطن ۾ نسبتن گهٽ آهن. رپورٽ موجب 2026ع ۾ عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح 3.8 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ وڌيڪ گهٽ ٿي 3.4 سيڪڙو رهڻ جي توقع آهي. مهانگائيءَ جو اهو ڪاٿو به آڪٽوبر جي اڳڪٿين جي مقابلي ۾ وڏي حد تائين بنا تبديليءَ جي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته عالمي واپاري ڇڪتاڻ ۾ ٻيهر شدت اچي سگهي ٿي جنهن سان غير يقيني واري صورتحال ڊگهي ٿي ويندي ۽ اقتصادي سرگرمين تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو. اهڙيءَ طرح داخلي سياسي ڇڪتاڻ يا جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ به اچانڪ اُڀري سگهن ٿا جيڪي عالمي مارڪيٽن، سپلاءِ چينز ۽ جنسن جي قيمتن تي اثرانداز ٿي عالمي معيشت کي متاثر ڪري سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته مصنوعي ذهانت سان جُڙيل سيڙپڪاريءَ ۾ وڌيڪ تيزي ۽ ان جي وسيع تر استعمال سان حقيقي پيداواري بهتري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ جدت ايندي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي نه صرف وقتي پر پائيدار ترقي ۾ به تبديل ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح واپاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ سان عالمي معيشت کي واڌو سهارو ملي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ معاشي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۽ وچين مُدي ۾ پائيدار ترقي جي امڪانن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاليسي سازن کي فوري ۽ واضح قدمن جي سفارش ڪئي وئي آهي، ان ۾ مالياتي ذخيرن جي بحالي، قيمتن ۽ مالياتي استحڪام جو تحفظ، غير يقيني واري صورتحال ۾ گهٽتائي ۽ ڍانچه جاتي سڌارن جي فوري طور لاڳو ٿيڻ تي خصوصي توجهه شامل آهي.

مزید خبریں