لنڊن - 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چترال ۾ برفاني ڇِپ ڪِرڻ سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل وفاقي ريسڪيو ۽ ريليف ادارن کي صوبائي حڪومت جي تعاون سان امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثرين کي فوري طور تي محفوظ جاين تي پهچائڻ جي حوالي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران چترال ۾ برفاني ڇِپ ڪِرڻ سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار

مزید خبریں
لنڊن – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چترال ۾ برفاني ڇِپ ڪِرڻ سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل وفاقي ريسڪيو ۽ ريليف ادارن کي صوبائي حڪومت جي تعاون سان امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثرين کي فوري طور تي محفوظ جاين تي پهچائڻ جي حوالي سان قدمن جي هدايت ڪئي. هن اين ڊي ايم اي چيئرمين کي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ برفباري کانپوءِ جي صورتحال جي نگراني ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطو رکڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.











