پاڪستان سميت 8 مسلمان ملڪن کي غزه امن بورڊ جو حصو بڻجي فلسطيني عوام جي حقن ۽ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سميت 8 مسلمان ملڪن کي غزه امن بورڊ جو حصو بڻجي فلسطيني عوام جي حقن ۽ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، پاڪستان جو اسرائيل جي حوالي سان 1967ع وارو ئي مؤقف آهي ته هو سفاڪ ۽ ظالم ملڪ آهي، نيتن ياهو جا هٿ مظلوم فلسطيني جي رت سان …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سميت 8 مسلمان ملڪن کي غزه امن بورڊ جو حصو بڻجي فلسطيني عوام جي حقن ۽ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، پاڪستان جو اسرائيل جي حوالي سان 1967ع وارو ئي مؤقف آهي ته هو سفاڪ ۽ ظالم ملڪ آهي، نيتن ياهو جا هٿ مظلوم فلسطيني جي رت سان رڱيل آهن، شاديءَ لاءِ 18 سال عمر ته اسان جي ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ به لاڳو آهي، ڇا اهي ملڪ به اسلام جي دائري ۾ خارج آهن؟ هو ايوان ۾ مولانا فضل الرحمان جي اعتراض واري نُڪتي تي ڳالهائي رهيو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 28 مئي 1998ع ۾ آمريڪي صدر جي ٽيليفون ۽ پوري دنيا جي دٻاءُ باوجود ڌماڪا ڪري پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو مثال قائم ڪيو. مسلم ليگ (ن) اهڙيءَ طرح پاڪستان جي ماءُ آهي ۽ ملڪ جي دفاع سلامتي لاءِ اسان ڪنهن جي مشوري جا محتاج ناهيون ڇاڪاڻ ته اسان پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جا محافظ آهيون. پاڪستان جي واڳ مسلم ليگ (ن) جي هٿ ۾ هوندي ڪنهن قسم جو خطرو ناهي، ڪوبه ميري اک سان پاڪستان طرف نٿو ڏسي سگهي، حق جي ويڙهه ان جو چِٽو ثبوت آهي، ميري اک ئي ڪڍي وٺندا آهيون، ان لاءِ اسان کي ڪو بزدلي يا غفلت جو طعنو نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته آرامده ۽ ٿڌين هنڌن تي ويهي تقرير ڪندڙن کي فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جو احساس ناهي. پاڪستان سميت 8 عالمِ اسلام جي ملڪن ان قتل ۽ غارت کي روڪڻ لاءِ هڪ قدم کنيو آهي. جيڪڏهن خدانخواسته پاڪستان غزه امن بورڊ جو حصو نه بڻجي ها ته اهي ئي مخالف ڌُر اسان خلاف تقريرون ڪري ها ته پاڪستان اڪيلو رهجي ويو آهي، سفارتڪاري ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي غزه امن بورڊ هڪ سينٽرل اسٽيج طور مليو، هي اسان جي ڪامياب سفارتڪاري جو نتيجو آهي، ان تي خوشي ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته هتي اسان جي غزه امن بورڊ ۾ شامل هئڻ کي غلط چوندڙ ٻُڌائين ته سعودي عرب، ترڪيه، يو اي اي، بحرين، جارڊن، ڪويت ۽ مراڪش اسان جا دوست ۽ مسلم ملڪن ناهن، جيڪي امن بورڊ جو حصو آهن. هن چيو ته هٿين خالي ۽ مظلوم فلسطينين جي تڪليف جو اندازو ڪريو جتي صبح شام آسمان تان بارود وسندو هو ۽ـ اڄ پاڪستان سميت 8 اسلامي ملڪن جي ڪوششن سان سيز فائر ٿيو ۽ فلسطيني عوام به ان قدمن کي ساراهي رهيو آهي. اڄ فلسطيني پُرامن زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو هر ڪارڪن اسلام جو محافظ آهي، ڪوبه اهڙو قدم نه کڻنداسين جو الله تعاليٰ ۽ رسول اللهﷺ جي ناراضگيءَ جو سبب بڻجي. احسن اقبال چيو ته شاديءَ لاءِ 18 سال عمر جو قانون ته اسان جي ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ به لاڳو آهي ڇا اهي ملڪ به اسلام جي دائري ۾ خارج آهن؟

مزید خبریں