اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مضبوط معاشي استحڪام، جاري سڌارن ۽ پائيدار ترقيءَ جي مثبت مستقبل سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي تعاون سان قائم راقمي بئنڪ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جي شروعات لاءِ تيار آهي جيڪو ملڪ جي بهتر …
مضبوط معاشي استحڪام، جاري سڌارن ۽ پائيدار ترقيءَ جي مثبت مستقبل سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مضبوط معاشي استحڪام، جاري سڌارن ۽ پائيدار ترقيءَ جي مثبت مستقبل سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي تعاون سان قائم راقمي بئنڪ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جي شروعات لاءِ تيار آهي جيڪو ملڪ جي بهتر معاشي صورتحال ۽ سڌارا جاتي عمل تي هڪ مضبوط اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته اسلامي ڊجيٽل بئنڪ ايندڙ مهيني باقاعدي طور تي پنهنجي آپريشن شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، بئنڪ کي ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي حمايت حاصل آهي جيڪو ڪويت رياست جو خودمختيار ويلٿ فنڊ آهي. هن چيو ته ان مثبت اڳڀرائيءَ سان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته راقمي بئنڪ جي شروعات سان پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ خاص طور تي مالياتي ۽ ڊجيٽل معيشت جي شعبن ۾ گهرن رابطن سان سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل حصيداريءَ جي مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ عالمي ڪمپني نيسلي طرفان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جو اعلان ٿيو ۽ سوڪار طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جو اشارو مليو. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ مضبوط معاشي استحڪام، جاري سڌارن ۽ پائيدار ترقيءَ جي مثبت مستقبل سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي.











