نوجوانن کي تعليم ۽ هنر ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائيءَ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن: راڻا مشهود احمد

لاهور-23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته ميرٽ کي هٿي ڏيڻ پهرين ترجيح آهي، تعليم کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت حڪومت نوجوانن کي تعليم ۽ هنر ۾ جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائيءَ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه لاهور جي وومين ڪاليج يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي …

لاهور-23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته ميرٽ کي هٿي ڏيڻ پهرين ترجيح آهي، تعليم کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت حڪومت نوجوانن کي تعليم ۽ هنر ۾ جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائيءَ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه لاهور جي وومين ڪاليج يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوان ملڪ جو روشن مستقبل آهن ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم جي فراهمي ۽ روزگار سان لڳائڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي جنهن جو مقصد وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ صلاحيتن جي اظهار لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ميرٽ ۽ شفافيت هميشه پهرين ترجيح رهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ تعليمي بورڊز ۾ ٽاپ ڪندڙ شاگرد وڏن گهراڻن سان تعلق رکندا هئا پر ان وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف شفافيت ۽ ميرٽ تي هٿي ڏني. بوٽي مافياز تي زيرو ٽالررنس اختيار ڪئي ۽ ان تسلسل جي بنياد تي اڄ اوهان ڏٺو ته مزدور جو پُٽ تندور ۾ ڪم ڪندڙ شاگرد ۽ هڪ رڪشا هلائيندڙ مزدور جو پُٽ به ٽاپ پوزيشنون حاصل ڪري رهيا آهن. حافظ آباد جو شاگرد تندور ۾ مانيون پچائيندو هو اهو پنجاب ۾ تعليمي بورڊ ۾ اعليٰ نمبر حاصل ڪري 125 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي. هن چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هر ميدان ۾ اڳتي آهن. هن چيو ته ڪوبه معاشرو تعليم کانسواءِ ترقي جون منزلون طئي نٿو ڪري سگهي. معاشري مان جيڪڏهن ميرٽ ۽ شفافيت جو خاتمو ڪيو وڃي ته معاشرو پستيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اسان هميشه ڪوشش ڪئي ته ميرٽ جي بنياد تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي موقعا فراهم ڪريون.

مزید خبریں