اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي سندس خدمتن ۽ ڪوششن کي سامهون رکندي گلوبل مسلم بزنس فورم (جي ايم بي ايف) جو اعزازي سرپرست مقرر ڪيو ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهو اعزاز کيس ان تاريخي ڪاميابيءَ جي ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ حاصل ٿيو اهي، جڏهن هن بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي باني چيئرمين جي حيثيت …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گلوبل مسلم بزنس فورم جو اعزازي سرپرست مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي سندس خدمتن ۽ ڪوششن کي سامهون رکندي گلوبل مسلم بزنس فورم (جي ايم بي ايف) جو اعزازي سرپرست مقرر ڪيو ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهو اعزاز کيس ان تاريخي ڪاميابيءَ جي ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ حاصل ٿيو اهي، جڏهن هن بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي باني چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان ۾ هڪ رڪارڊ ساز عالمي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ دنيا جي 45 ملڪن جي پارليامينٽن جا اسپيڪرز ۽ اعليٰ سطحي وفدن شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين کي باضابطه طور گلوبل مسلم بزنس فورم جو اعزازي سرپرست بڻجڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. هي فورم هڪ مؤثر عالمي پليٽ فارم آهي جيڪو مسلم دنيا ۾ ذميداراڻي اقتصادي قيادت، گڏيل تعاون ۽ جٽادار ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرمِ عمل آهي. اها مقرري سينٽ چيئرمين جي بطور سينيئر سياستدان، پارليامينٽ جي ميمبر ۽ آئيني حڪمراني ۽ علائقائي تعاون جي مضبوط حامي طور وڌندڙ عالمي سُڃاڻپ جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هن وقت سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي جتي هو قانونسازي جي تسلسل جي نگراني، سياسي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ پيچيده قومي ۽ علائقائي ماحول ۾ پارلياماني قدرن جي تحفظ جي ذميداري نڀائي رهيو آهي.











