اڳوڻي حڪومت پنهنجي سياسي انا ۽ اقتدار جي خوف ۾ مبتلا ٿي پاڪستان کي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي)ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت پنهنجي سياسي انا ۽ اقتدار جي خوف ۾ مبتلا ٿي ڄاڻي واڻي پاڪستان کي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته جڏهن کين اندازو ٿيو ته سندن ڪرسي وڃي رهي آهي ته هنن ڄاڻي واڻي آءِ ايم ايف پروگرام کي نقصان پهچايو، جيتوڻيڪ کين مڪمل پتو هو ته …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي)ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت پنهنجي سياسي انا ۽ اقتدار جي خوف ۾ مبتلا ٿي ڄاڻي واڻي پاڪستان کي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته جڏهن کين اندازو ٿيو ته سندن ڪرسي وڃي رهي آهي ته هنن ڄاڻي واڻي آءِ ايم ايف پروگرام کي نقصان پهچايو، جيتوڻيڪ کين مڪمل پتو هو ته ان جي نتيجي ۾ ملڪ شديد معاشي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڏيوالپڻي جو مطلب اهي ئي حالتون هونديون آهن جيڪي اسان سريلنڪا ۾ ڏٺيون، جتي عوام کي ٻارڻ ۽ کاڌو پچائڻ لاءِ گئس حاصل ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيهڻو پيو. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ان وقت جي وزيراعظم عمران خان انهن نتيجن کان مڪمل طور تي آگاهه هو، ان جي باوجود هن رياستي مفاد خلاف فيصلا ڪيا. بلال اظهار ڪياني چيو ته 2022ع ۾ جڏهن موجوده اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليو ته ان کي هڪ تباهه ٿيل آءِ ايم ايف پروگرام ورثي ۾ مليو. حڪومت قومي مفادن کي ترجيح ڏيندي نه رڳو ان پروگرام کي بحال ڪيو پر عالمي مالياتي ادارن سان اعتماد به بحال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ڏيوالپڻي کان بچي ويو ۽ معاشي استحڪام طرف وڌيو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جا ڪجهه ناڻي وارا وزير آءِ ايم ايف کي خط لکندا رهيا ته پروگرام بحال نه ڪيو وڃي جنهن سان انهن جي نيت ۽ طرز عمل کلي سامهون اچي ويو. اڄ اهي ئي ڌريون معاشري ليڪچر ڏئي رهيون آهن، جيتوڻيڪ انهن جون سموريون معاشي پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. مملڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت 2024ع ۾ آءِ ايم ايف پروگرام تحت سمورا هدف پورا ڪيا، مني بجيٽ آڻڻ جي دعويٰ غلط ثابت ٿي، مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ۽ مالي نظم ۽ ضبط بحال ٿيو. جيتوڻيڪ مشڪلاتون مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيون پر اها هڪ حقيقت آهي ته حڪومت معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائي درست رخ ۾ آندو آهي. هن مخالف ڌر تي زور ڀريو ته جيڪڏهن هو معاشي استحڪام ۾ تعميري ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽ نه بڻجن. هن چيو ته حڪومت مشاورت، شفافيت ۽ پارلياماني بالادستي جي اصولن تحت اڳتي وڌي رهي آهي. بلال اظهر ڪياني چيو ته انشاءَ الله ايندڙ مرحلي ۾ روانگي واپار ۾ اضافو، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ پائيدار معاشي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح هونديون ۽ پاڪستان کي هڪ مستحڪم ۽ جٽادار معيشت بڻايو ويندو.

مزید خبریں