پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪراچي شاپنگ مال سانحي جي متاثرن سان يڪجهتي، فوري ۽ جامع سڌارن جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد منظور

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪراچي جي گل پلازه شاپنگ مال ۾ لڳل تباهي آڻيندڙ باهه جي نتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار، متاثرن سان يڪجهتي ۽ فوري ۽ جامع سڌارن جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ان حوالي سان ڊاڪٽر فاروق ستار قرارداد پيش …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪراچي جي گل پلازه شاپنگ مال ۾ لڳل تباهي آڻيندڙ باهه جي نتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار، متاثرن سان يڪجهتي ۽ فوري ۽ جامع سڌارن جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ان حوالي سان ڊاڪٽر فاروق ستار قرارداد پيش ڪئي جنهن جي ايوان اتفاق راءِ سان منظوري ڏني. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ڪراچي جي گل پلازه شاپنگ مال ۾ لڳل تباهي آڻيندڙ باهه تي پنهنجي گهري ڏک ۽ شديد افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي، پارليامينٽ فائر فائٽر فرقان علي کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جنهن فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ سمورن فائر فائٽرز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، پارليامينٽ ان ڳڻتي واري حقيقت جو نوٽيس وٺي ٿي جن سنگين ڪوتاهين هڪ حادثي کي اجتماعي سانحي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اهي رپورٽ ۾ واضح طور تي سامهون آيون آهن، پارليامينٽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته متاثرن جي خاندانن کي مناسب معاوضو فراهم ڪيو وڃي ۽ متاثر ڪاروبارن کي فوري بحالي کي يقيني بڻايو وڃي، سمورن واپاري ۽ رهائشي عمارتن کي سڄي شهر ۾ هنگامي بنيادن تي فائر رسڪ آڊٽ ڪرايو وڃي، فائر اسٽيشننز جو انگ ۽ فائر فائٽنگ جي اوزارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. پارليامينٽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته ان بحراني صورتحال ۾ سنڌ حڪومت کي گهربل سهولت ۽ مڪمل تعاون فراهم ڪري، پارليامينٽ ان شديد ڏک جي لمحي ۾ ڪراچي جي عوام ۽ متاثر خاندانن سان متفقه يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته گل پلازه ۾ ضايع ٿيل قيمتي حياتيون رائيگان نه وينديون. پارليامينٽ ٺوس ۽ ڊگهن قدمن جو مطالبو ڪري ٿي ته آئنده اهڙي نوعيت جو سانحو ٻيهر پيش نه اچي. سينيٽر شيري رحمان قرارداد جي منظوري کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان قرارداد تي صحيحون ڪيون آهن ۽ اتفاق ڪريون ٿا ته هي هڪ سنگين واقعو هو، صبح کان شام تائين ميڊيا آڊٽ ۽ حساب وٺي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ذميوارين جي خبر آهي، ڪراچي سڀني جو شهر آهي، ڪراچي سڀني کي ڀليڪار ڪيو آهي، ڪراچي پشتونن جو سڀ کان وڏو شهر آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جا مسئلا به آهن، سڀني کي حصيداري سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان معاملي کي لسانيت ۽ صوبائيت جو مسئلو نه بڻايو وڃي، هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن حادثي واري جاءِ تان لاش ڪڍيا پيا وڃن، لاشن تي سياست نه ڪئي وڃي.

مزید خبریں