پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع جي منظوري

اسلام آباد - 23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي آھي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنھن جي ايوان منظوري ڏني، بل تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل …

اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي آھي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنھن جي ايوان منظوري ڏني، بل تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري جي ترميم جي ايوان منظوري ڏني جڏھن ته عاليه ڪامران ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ترميم کي ايوان رد ڪيو. ان کانپوءِ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. ان کان اڳ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميم پيش ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت جي ڊومين ۾ وڃڻ کان اڳ صوبن سان مشاورت ضروري آھي.

مزید خبریں