پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گھريلو تشدد (روڪٿام ۽ تحفظ) جي بل 2025ع جي منظوري

اسلام آباد - 23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گھريلو تشدد (روڪٿام ۽ تحفظ) جي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ايم اين اي شرميلا فاروقي گھريلو تشدد (روڪٿام ۽ تحفظ) جو بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنھن جي ايوان منظوري ڏني، ايوان بل تي شرميلا فاروقي جي ترميم جي منظوري ڏني، مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل …

اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گھريلو تشدد (روڪٿام ۽ تحفظ) جي بل 2025ع جي منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ايم اين اي شرميلا فاروقي گھريلو تشدد (روڪٿام ۽ تحفظ) جو بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنھن جي ايوان منظوري ڏني، ايوان بل تي شرميلا فاروقي جي ترميم جي منظوري ڏني، مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته گھريلو تشدد بل ۾ پھرين ڀيرو مردن کي به شامل ڪيو ويو آھي، ان ڪري ھو شرميلا فاروقي جي ترميم جي مخالفت نه ڪندو. اجلاس ۾ عاليه ڪامران ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ترميم کي رد ڪندي بل جي شق وار منظوري ڏني وئي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ بل تي ترميم پيش ڪندي چيو ته بل ۾ صدر مملڪت جي اعتراضن کي ختم ناھي ڪيو ويو، ھن چيو ته بل سان خانداني نظام کي نقصان پھچندو. عاليه ڪامران بل تي ترميم پيش ڪندي چيو ته ان بل بابت مولانا فضل الرحمان پنھنجي راءِ ڏيڻ چاھي ٿو، ھن چيو ته بل ۾ ملڪيت جي حق کي ڏسڻ ضروري آھي. گھرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ترميم جي مخالفت ڪندي چيو ته ٻنھي ايوانن جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ان معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آھي ۽ اتفاق راءِ سان معاملا طعي ٿيا آھن، ان لاءِ مان ترميم جي مخالفت ڪيان ٿو.

مزید خبریں