واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي فلپائن جي سفير ڊاڪٽر ايمانوئل آر فرنينڊز سان ملاقات

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ فلپائن جي سفير ڊاڪٽر ايمانوئل آر فرنينڊز سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فلپائن ۾ پاڪستان جي چانورن جي روانگي واپار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران واپار واري وزير پاڪستان جي چانورن جي روانگي واپار جي ترجيحي مارڪيٽن جي نشاندهي ۾ وزيراعظم جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو ۽ فلپائن جي …

اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ فلپائن جي سفير ڊاڪٽر ايمانوئل آر فرنينڊز سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فلپائن ۾ پاڪستان جي چانورن جي روانگي واپار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران واپار واري وزير پاڪستان جي چانورن جي روانگي واپار جي ترجيحي مارڪيٽن جي نشاندهي ۾ وزيراعظم جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو ۽ فلپائن جي قيادت سان پاڪستان مان اضافي خريداري تي غور ڪرڻ جي باضابطه درخواست ڪئي. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان زرعي پيداوار جي رستي تي هلندڙ ملڪ آهي ۽ ملڪ ۾ روانگي واپار لاءِ چانورن جو وڏو ذخيرو دستياب آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته عالمي مارڪيٽ وڏن سپلائيرز جي ٻيهر اچڻ سان، قيمتن ۾ چٽا ڀيٽي کي تيز ڪرڻ جي چر پر لاءِ تيار آهي. ان لاءِ اهڙي چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت پنهنجي مصنوعات جي معيار ۽ مقدار کي خريدارن لاءِ بهتر بڻائڻ جي خاطري ڪرائي ٿي، جتي ضرورت هجي اتي مالياتي دٻاءَ سميت، بينچ مارڪ قيمت جي چٽا ڀيٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ طريقيڪار تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستاني چانور چٽاڀيٽي وارا وارو رهن. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان موجوده مارڪيٽ جي قيمتن کي ويجهو آڻڻ جي قابل آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن وچ ۾ اداراجاتي مصروفيتن ذريعي ٻه طرفن چانورن جي واپار کي هٿي ڏيڻ جي گنجائش موجود آهي. واپار واري وزير سفير کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان فلپائن ڏانهن چانورن جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ اهم شراڪتدار ملڪن مان هڪ طور ڏٺو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ وقت سر هم آهنگي سان گڏيل طور تي فائديمند انتظامن تي عمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سفير ڊاڪٽر ايمانوئل آر فرنانڊيز پاڪستان جي فعال فراهمي جي آجيان ڪندي ان کي ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ هاڪاري قدم قرار ڏنو. هن فپلائن کي چانور فراهم ڪندڙ سرفهرست ٽن ملڪن مان پاڪستان جي پراڻي حيثيت کي تسليم ڪندي چيو ته پاڪستان وٽ نه رڳو برقرار رکڻ پر پنهنجي مارڪيٽ شيئر کي وڌائڻ جي مضبوط صلاحيت آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان – فلپائن جي گڏيل اقتصادي ڪميشن (جي اي سي) جو ايندڙ اجلاس، جيڪو فيبروري ۾ متوقع آهي، چانورن جي واپار کي پنهنجي ايجنڊا ۾ پهرين نمبر تي رکندو. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي واپار واري وزارت ۽ فلپائن جي زراعت واري وزارت وچ ۾ ڳالهين تحت مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي مسودي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. واپار واري وزير چانورن کان علاوه فلپائن ڏانهن نارنگين جي روانگي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کي اجاگر ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته لاڳاپيل ٽيرف جي مسئلن کي مناسب اداراجاتي فورمز سميت جي اي سي ذريعي غور هيٺ آندو وڃي. ٻنهي پاسن ڳالهين کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سفارتي ۽ واپاري چينلز ذريعي ويجهي هم آهنگي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں