انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع ۾ پاڪستان جي اي آءِ ۾ جدت طرازي نمايان ڪردار ادا ڪندي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ايندڙ انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع کي وزيراعظم جي ويزن تحت هڪ اهم قومي اي آءِ قدم قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي پاڪستان جي صلاحيتن ۽ سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ آهي. هڪ نجي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع ۾ پاڪستان جي مصنوعي …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ايندڙ انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع کي وزيراعظم جي ويزن تحت هڪ اهم قومي اي آءِ قدم قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي پاڪستان جي صلاحيتن ۽ سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ آهي. هڪ نجي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع ۾ پاڪستان جي مصنوعي ذهانت ۾ جدت نمايان ڪردار ادا ڪندي ۽ ملڪ کي اُڀرندڙ عالمي اي آءِ طاقت طور پيش ڪندي. هن ٻُڌايو ته 9 مئي کان 15 فيبروريءَ تائين پاڪستان ۾ انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع منعقد ڪيو ويندو، جيڪو هڪ قومي پروگرام هوندو ۽ ان جو مقصد ملڪ ۾ اي آءِ بابت آگاهي، تربيت ۽ عملي طور ان کي لاڳو ڪرڻ هوندو. شزه فاطمه خواجه زور ڀريو ته هي ايندڙ ايونٽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ صلاحيتن ۽ فني ترقي جي عزم کي نمايان ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا مان عالمي اڳواڻ، صنعتن جا سربراهه، ناليوارا استاد ۽ اي آءِ ماهر هفتي لاءِ ان ايونٽ ۾ شرڪت ڪندا، جتي مباحثا ٿيندا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، گڏيل تعاون جا موقعا تلاش ڪيا ويندا. هن چيو ته هي پاڪستان لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي هو عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيت، جدت ۽ آءِ ٽي ۾ امڪانن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو.  وفاقي وزير انڪشاف ڪيو ته ان موقعي تي وزيراعظم اهم اي آءِ پاليسين ۽ اسٽريٽجڪ رُخن جو اعلان ڪندو جيڪي پاڪستان جي اي آءِ ايڪو سسٽم لاءِ روڊ ميپ طئي ڪندا. هن چيو ته هي مباحثو ٽيڪنالاجي، ڊجيٽلائزيشن ۽ جدت جي حوالي سان ملڪ جي مستقبل جي رهنمائيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ پاڪستان کي اي آءِ جي برتري جي مرڪز طور مستحڪم ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته پاڪستان تڪرارن دوران به جن ۾ ڀارت سان هاڻوڪي جنگ به شامل آهي مضبوط مؤقف برقرار رکيو ۽ ڪنيڪٽوٽي ۽ ڊجيٽل سروسز بنا رڪاوٽ جاري رهي، ملڪ جي فني ترقيءَ کي اجاگر ڪندي هن چيو ته جلد ئي پاڪستان عالمي اي آءِ منظرنامي ۾ پنهنجو مقام ٺاهيندو، جڏهن ته فائيو جي، فور جي ۽ ٿري جي نيٽ ورڪس ۾ به نمايان بهتري ايندي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي آگاهي پروگرامز ايڪسپوز ۽ اي آءِ تي ٻَڌل تربيتي سيشنز مان فائدو ٿيندو جيڪو کين مستقبل جي موقعن لاءِ تيار ڪندو. وفاقي وزير چيو ته ان قدمن کانپوءِ قيادت سمٽس ۽ اسٽارٽ اپ شوڪيسز جو بندوبست به ڪيو ويندو ته جيئن اي آءِ بابت ڪاروبار ۽ جدت کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هي قدم پاڪستان جي اي آءِ ايڪو سسٽم کي مضبوط ڪندا ۽ نوجوان ٽيلنٽ کي عالمي اي آءِ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندا.

مزید خبریں