اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ چونڊجي آيل عهديدارن کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن نئين چونڊيل عهديدارن ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون. سردار اياز صادق چيو ته سپريم ڪورٽ سان واڳيل صحافي آئيني ادارن قانون جي حڪمراني ۽ عوام کي وقت سر تصديق ٿيل معلومات جي فراهميءَ …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ چونڊجي آيل عهديدارن کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن نئين چونڊيل عهديدارن ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون. سردار اياز صادق چيو ته سپريم ڪورٽ سان واڳيل صحافي آئيني ادارن قانون جي حڪمراني ۽ عوام کي وقت سر تصديق ٿيل معلومات جي فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت صحافي برادريءَ جي مسئلن جي حل، پيشيوراڻي قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ذميدار صحافت جي تسلسل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اسپيڪر نَون چونڊيل عهديدارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندن ڪاميابي ۽ صحافتي خدمتن جي تسلسل لاءِ دُعا ڪئي.











