اليڪشن ڪميشن پاران اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ تي سيد قائم علي شاهه سيمت 8 صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت بحال

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، زاهد چن زيب سميت چئني صوبائي اسيمبلين جي 8 ميمبرن جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي. انهن ميمبرن کي گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي 16 جنوري 2026ع تي جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن موجب انهن …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، زاهد چن زيب سميت چئني صوبائي اسيمبلين جي 8 ميمبرن جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي. انهن ميمبرن کي گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي 16 جنوري 2026ع تي جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن موجب انهن ميمبرن هاڻ مالي سال 25-2024ع لاءِ پنهنجا، پنهنجي شريڪ حيات ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جا اثاثا ۽ بقايائن جا تفصيل (فارم بي) جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 137 تحت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ تي ڪميشن سندن رڪنيت بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. رڪنيت بحال ٿيندڙن ۾ سنڌ مان ممتاز علي، محمد تيمور ٽالپر، لياقت علي آسڪاڻي شامل آهن.

مزید خبریں