اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قصور ۾ 5 ڄڻن جي قتل جي ڪيس ۾ 6 ملزمن جي عمرقيد جي سزا برقرار رکندي سندن اپيلون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ڪيس جي مدعي طرفان سزا وڌائڻ جي درخواست به خارج ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪابه قانوني …
سپريم ڪورٽ قصور ۾ 5 ڄڻن جي قتل ڪيس جو فيصلو برقرار رکندي ملزمن جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قصور ۾ 5 ڄڻن جي قتل جي ڪيس ۾ 6 ملزمن جي عمرقيد جي سزا برقرار رکندي سندن اپيلون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ڪيس جي مدعي طرفان سزا وڌائڻ جي درخواست به خارج ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪابه قانوني خامي موجود نه آهي. عدالت موجب اکين ڏٺن شاهدن جي گواهي ڀروسي جوڳي آهي ۽ ميڊيڪل رپورٽس ۾ مارجي ويلن جي جسمن تي ڪيترين ئي گولين جي تصديق ٿئي ٿي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فائرنگ جي واقعي کانپوءِ مارجي ويلن جي پوسٽ مارٽم فوري طور رات جي وقت ۾ ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر به بروقت داخل ڪئي وئي جيڪا استغاثه جي مؤقف کي مضبوط بڻائي ٿي. هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻَڌل بينچ ٻُڌايو. ياد رهي ته جنوري 2024ع ۾ مصطفيٰ آباد ٽول پلازه قصور ويجهو انڌا ڌنڌ فائرنگ جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا. ٽرائل ڪورٽ 7 ملزمن کي 4-4 ڀيرا موت جي سزا ٻُڌائي هئي، جڏهن ته 3 ملزمن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ملزم کي آزاد ڪندي باقي 6 ملزمن جي موت واري سزا کي عمرقيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي سپريم ڪورٽ صحيح فيصلو قرار ڏيندي فيصلي کي برقرار رکيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن خلاف شاهديون تسلي ۽ ڀروسي جوڳيون آهن ان لاءِ اپيلن ۾ ڪو به وزن نه ڏٺو ويو.











