اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) سڄي ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنل دائري ڪار کي 128 ضلعن تائين وڌائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي پُٺتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ انهن جي رسائي نمايان طور مضبوط ٿي آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب اين سي ايڇ ڊي هن وقت 91 ضلعي ۽ 37 سيٽلائيٽ آفيسن ذريعي ڪم …
نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ سڄي ملڪ ۾ آپريشنل دائري کي 128 ضلعن تائين وڌائي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) سڄي ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنل دائري ڪار کي 128 ضلعن تائين وڌائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي پُٺتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ انهن جي رسائي نمايان طور مضبوط ٿي آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب اين سي ايڇ ڊي هن وقت 91 ضلعي ۽ 37 سيٽلائيٽ آفيسن ذريعي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن ۽ محروم علائقن ۾ تعليم، خواندگي، سماجي ترقي جا پروگرام هيٺئين سطح تائين پهچائي رهيا آهن. انگن اکرن موجب بلوچستان ۾ 24 ضلعن ۾ ۽ 2 سيٽلائيٽ آفيسون قائم آهن. سنڌ ۾ 21 ضلعن ۾ آفيسون ۽ 3 سيٽلائيٽ آفيسون فعال آهن. آپريشنل نيٽ ورڪ کي 2257 ملازمن تي ٻَڌل معاونت شامل آهي، جيڪي مختلف ضلعن ۾ ڪميونٽي سطح تي پروگرام لاڳو ڪرڻ ۽ خدمتن جي فراهميءَ ۾ مصروف آهن.











